پير گاجي شاهه جو مقبرو

پير گاجي شاهه جو مقبرو

گاجي شاھ1

گاجي شاھ1 : پير گاجي شاهه، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو معتقد، ساٿي، خاص مشير ۽ وڏن سپهه سالارن ۾ شامل هو. ڪاڇي ۾ اتر کان ڏکڻ يعني جوهي تعلقي کان وٺي سيوهڻ تعلقي جي نئنگ واري علائقي تائين ۽ اوڀر ۾ منڇر کان وٺي گجري جبل جي بيخ تائين کوسا آباد هئا، ان ڪري گاجي شاهه کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي ٽنڊي رحيم واري لڪ جو نگهدار مقرر ڪيو، جتي گاجي شاهه هڪ مسجد، پاڻي پيئڻ جو کوهه ۽ هڪ جانڊه (اٽي پيهڻ جي چڪي) هڻائي ته جيئن لڪ مان ايندڙ ويندڙ مسافرن، تجارتي قافلن جي واپارين ۽ تاجرن کي پاڻي ۽ ماني آسانيءَ سان ۽ مفت ملي سگهي. ائين مغلن خلاف ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قائم ڪيل عبوري حڪومت کي مالي طور مدد، هٿيارن جي رسد ۽ بلوچ جنگجو سپاهي ڀرتي ڪرڻ ۾ آساني ٿي. اڄ به گاجي شاهه جو روٽ (ماني) مسافرن، معتقدن، مريدن ۽ عام ۽ خاص کي هر وقت ملندو رهي ٿو. گاجي شاهه جو هڪ ٿڃ شريڪ ڀاءُ دلشاد فقير، جيڪو ڪاڇي ۽ بلوچستان ۾ مال جو وڏو واپاري هو. ان کي گرسا برفت نالي هڪ طاقتور سردار ماري وڌو، گاجي شاهه ڌرين ۾ فيصلو ڪيو، پر دلشاد جي ڀاڻيجي پياري کوسي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندي گرسا برفت کي ماري وڌو، جنهنڪري کوسا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. علائقي ۾ وڏي پيماني تي شورش برپا ٿي وئي. بهادر جنگجو کوسن جون تلوارون هڪ ٻئي جي خون ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون. انهيءَ خونريزيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي مداخلت ڪرڻي پئي، باغي پياري کوسي کي شڪست ملي ۽ کوسن کي ڪاڇي جي علائقي مان نڪرڻو پيو ۽ اهي ٿر ۽ ڪڇ ڀڄ جي سرحدي علائقن ڏانهن هجرت ڪري ويا. ٿر جي سفر دوران ننگرپارڪر ويجهو سامي ماڻهن ميان نصير محمد جي ڪجهه فقيرن تي حملو ڪيو ۽ کانئن سامان وغيره ڦريو، ان ڪري گاجي شاهه کوسن کي حڪم ڏنو ته اهي حملي آور ماڻهن کي سزا ڏين ۽ فقيرن کي سندن سامان واپس ڏيارين. حڪم جي تڪميل ڪئي وئي ۽ سامين سان جنگ ڪري کين شڪست ڏني وئي. گاجي شاهه، ميان صاحب کي ڪڇ ڀڄ ۽ لکپت جو سير ڪرايو، ۽ اُتي خير محمد ۽ شاهه عليءَ کي پنهنجو نائب مقرر ڪرڻ بعد پنهنجي ڳوٺ اچي پهتو، ميان نصير محمد جي قيادت ۾ اعتماد رکندڙ ماڻهو گاجي شاهه کي هر سال دعوت ڏيندا هئا ۽ ميان تي اعتماد جو اقرار ڪندا هئا. گاجي شاهه هوتڪ پهاڙي علائقي ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمن مان هڪ واهه کوٽايو، جنهن تي آبادي ٿيڻ لڳي ۽ اهو سڄو علائقو سرسبز ۽ شاداب ٿي ويو. گاجي شاهه جي خدمتن کي ڏسندي ميان نصير محمد ڪلهوڙي کيس ’گنج بخش‘ جو لقب ڏنو؛ جنهن جو مطلب هو ته ميان جي حڪم تي گاجي شاهه هڪ وقت پنج هزار ماڻهو فوجي خدمتن لاءِ ڏئي سگهيو ٿي. ميان نصير محمد جي اسيريءَ واري عرصي ۾ ميان وال تحريڪ جي قيادت گاجي شاهه ۽ شاهه پنجي سلطان گڏجي ڪئي (وڌيڪ ڏسو: تحريڪ ميانوال، جلد: ٻيو). ان ڪري ميان وال فقير آزي (عاجزي) چوندا آهن:
يارو ڪرو الا توهار!
ها، ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد،
ميان نصير محمد پنجا ڌونڪ دا ڌڻي،
گاجي گنج بخش، لکين دا ڏاتار،
شيءِ واليان دي شيءِ ٿيوي،
يارو ڪرو الا توهار!
جيئن ته هنن ٻنهي فقيرن ميان صاحب جي مرڪز کان غير حاضريءَ دوران ميان وال تحريڪ ۾ بحران پيدا ٿيڻ نه ڏنو ۽ مغل قانون کي سنڌ اندر بي اثر بنائي ڇڏيو. ان ڪري ميان وال تحريڪ جا ماڻهو پنهنجين دعائن ۾ ڪلهوڙا قيادت جي نالن کان پوءِ گاجي شاهه ۽ شاهه پنجي سلطان جا نالا وٺڻ ضروري سمجهندا آهن. ميان وال تحريڪ سان لاڳاپيل عورتون پنهـنجـن ٻـارن تـي وڏي کنـهه جي بيماريءَ وقت پنهنجي سريلي آواز سان هيءَ دعا پڙهنديون آهن:
کر کنگهه، لوڙها لنگهه،
ميان نصير ٿي دستگير،
گاجي شاهه، ڪر نگاهه،
پنجا پير، سهڻا وير،
عنايت شاهه تيڏا رنگ،
کر کنگهه لوڙها لنگهه.
هن دعا ۾ گاجي شاهه ۽ ٻين سردارن جا نالا ميان نصير محمد کان بعد ۾ ورتا وڃن ٿا، جنهن مان سندن حيثيت ظاهر ٿئي ٿي.
بلوچستان جي بروهين سان ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي فقيرن جو تڪرار ٿي پيو، ميان صاحب پنهنجي نائب گاجي شاهه کي بروهين سان جنگ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. گاجي شاهه حڪم جي تڪميل ڪندي بلوچستان جي جابلو علائقي ۾ بروهين سان جنگ ڪئي. اها جنگ لوهيءَ کان چند ميل اولهه ۾ ضلعي خضدار جي تعلقي وَڍ جي حدن ۾ لڳي ، جتي وڙهندي گاجي شاهه شهيد ٿيو ۽ کيس سندس ئي جوڙايل مسجد ۾ دفنايو ويو. هن وقت تائين هن سورهيه سردار جي مزار عام ماڻهن ۽ خاص ڪري ميانوال فقيرن جي رجوعات جو مرڪز بڻيل آهي. پير گاجي شاهه جي شهادت ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وفات کان هڪ سال اڳ ٿي هئي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته گاجي شاهه جي وفات جو سال 1695ع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو